حسين بخش ناريجو

حسين بخش ناريجو

حسين بخش ناريجو

حسين بخش ناريجو: مشهور سياسي اڳواڻ حسين بخش ولد امير بخش ناريجي 20 ڊسمبر 1949ع تي ڳوٺ امير بخش ناريجي لڳ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم. اي ڪيائين. هيءُ ڪاليج توڙي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران متحرڪ شاگرد اڳواڻ طور لاڙڪاڻي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ۽ سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ ڪم ڪندو رهيو. ون يونٽ يونٽ خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتائين. 9 آڪٽوبر 1973ع تي ذوالفقار علي ڀُٽي کيس پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو، 5 جولاءِ 1977ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ تي هن نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي. عوامي تحريڪ ۾ سرگرم ٿيو. 1979ع ۾ ’هاري ڪانفرنس‘ ۾ مارشل لا خلاف تقرير ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ٿيو. کيس 12 مهينا ٽيپ ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا ڏني وئي. 1980ع ۾ آزاد ٿيڻ بعد شهيد فاضل راهوءَ سان سنڌ ۾ عوامي تحريڪ جي تنظيم سازيءَ لاءِ دورا ڪيائين. 1981ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ فاضل راهوءَ جي گرفتاريءَ بعد هيءُ عوامي تحريڪ جو قائم مقام صدر ٿيو. 1986ع ۾ ايم. آر. ڊي جو ڪنوينر مقرر ٿيو. هن ڪالاباغ ڊئم جي ڀرپور مخالفت ڪئي. فاضل راهوءَ جي شهادت بعد 20 جنوري 1987ع تي جلوس جي قيادت ڪرڻ سبب کيس گرفتار ڪري حاڪم علي زرداري ۽ خان افضل خان سان گڏ پريڊي ٿاڻي تي قيد ۾ رکيو ويو. کيس ٽيون دفعو قتل جي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ 10 نومبر 1998ع تي گرفتار ڪري ڇهه مهينا خيرپور جيل ۾ رکيو ويو. نشتر پارڪ ۾ جي. ايم. سيد جي سالگرهه ۾ شرڪت سبب مٿس بغاوت جو ڪيس داخل ٿيو ۽ گرفتار ٿيو. هيءُ 1980ع کان 1981ع تائين عوامي تحريڪ لاڙڪاڻي جو صدر، 1981ع کان مرڪزي سينيئر نائب صدر، 1983ع ۾ مرڪزي قائم مقام صدر، 1986ع ۾ عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ ساڳئي سال مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري، 1987ع ۾ مرڪزي سينيئر نائب صدر به رهيو. 1986ع ۾ ترقي پسند ملڪن جي تنظيم جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1990ع کان عوامي تحريڪ (راهو) گروپ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو، جنهن دوران شهيد فاضل راهوءَ جي پٽ اسماعيل راهوءَ پاران 1991ع ۾ ڄام صادق علي جي حڪومت ۾ وزارت وٺڻ واري عمل جي مخالفت ڪندي استعيفا ڏنائين. 1994ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ 1995ع ۾ کيس سنڌ حڪومت ۾گهرو وزارت جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. 21 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ جي شهادت بعد پ. پ (شهيد ڀٽو ) ۾ شامل ٿيو، ڪجهه عرصي بعد 5 آگسٽ 1998ع تي وفاق جي سياست کان هميشه لاءِ ڪناره ڪش ٿي، سنڌ قومي انقلابي پارٽيءَ جو بنياد رکيائين. اخبارن ۾ مضمون به لکيائين. 2002ع ۾ کيس ناليواري شاعر مرحوم منٺار سولنگيءَ سميت ڌاڙيلن اغوا ڪيو. سندس وني زرينا پڻ مشهور اردو، سنڌي ڪالم نگار ۽ اديبا آهي.


لفظ حسين بخش ناريجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.12.20  عيسوي

مشهور سياسي اڳواڻ حسين بخش ولد امير بخش ناريجي 20 ڊسمبر 1949ع تي ڳوٺ امير بخش ناريجي لڳ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


1973.10.09  عيسوي

9 آڪٽوبر 1973ع تي ذوالفقار علي ڀُٽي کيس پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو،


1977.07.05  عيسوي

5 جولاءِ 1977ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ تي هن نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي.


1987.01.20  عيسوي

فاضل راهوءَ جي شهادت بعد 20 جنوري 1987ع تي جلوس جي قيادت ڪرڻ سبب کيس گرفتار ڪري حاڪم علي زرداري ۽ خان افضل خان سان گڏ پريڊي ٿاڻي تي قيد ۾ رکيو ويو.


1998.08.05  عيسوي

5 آگسٽ 1998ع تي وفاق جي سياست کان هميشه لاءِ ڪناره ڪش ٿي، سنڌ قومي انقلابي پارٽيءَ جو بنياد رکيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پوراني ميرڪ سيد عبدالوهاب ٺٽوي
عبدالعلي قلباڻي
آر ڪي سڌوا
آگرو عبداللطيف
رضوي سيد بلال شاهه
حڪيم قاضي عبدالعزيز عزن مورائي
عطا محمد ڀنڀرو
خير محمد کيڙو
چانڊيو مير محمد خان
حاجي محمد ابراهيم دَل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون